ڇٽيهه لکڻو

ڇٽيهه لکڻو: هي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور صفتي خطاب آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر مائرون اولاد لاءِ ۽ عام ماڻهو ڪنهن سلڇڻي ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. هي لفظ صفت طور ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي ڪٿ لاءِ ڪتب ايندو آهي. جامع سنڌي لغت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن لفظ جي معنيٰ ’لڇڻن وارو ۽ سلڇڻو‘ ڏني آهي. اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ ’لَڇڻ‘ کي ’لکڻ‘ چئبو آهي، جيڪو سنسڪرت ۾ ’لڪشڻ‘ آهي. ان ڪري نيڪ، بختاور ۽ گھڻين خوبين جي مالڪ شخصيت کي ڇٽيهه لکڻو چوندا آهن. ڇٽيهه لکڻي جي لفظي معنيٰ ڇٽيهن قسمن جون خوبيون رکڻ وارو شخص آهي.


لفظ ڇٽيهه لکڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو